برهان الدين قطب عالم

برهان الدين قطب عالم: برهان الدين قطب عالم، مخدوم جهانيان جو پوٽو ۽ سيد ناصر الدين جو پٽ هو، سندس ڪنيت ابو محمد هئي، جڏهن ته نالو عبدالله هو. برهان الدين ۽ قطب عالم سندس لقب هئا. هن 1388ع ڌاري جنم ورتو. پنهنجي ڏاڏي ۽ والد کان ظاهري توڙي باطني علم حاصل ڪيائين ۽ سندن مريد به ٿيو. ڏهن سالن جو هو، جو سندن والد وفات ڪري ويو. پوءِ سندس سنڀال ڏاڏي جي ڀاءُ راجو قتال ڪئي. جنهن کيس ٻه سال تربيت ڏئي هدايت جي مرتبي تي پهچايو. علم پورو ڪري پنهنجي وڏي ڀاءُ سيد حامد ۽ سيد صدر الدين کان خلافت حاصل ڪيائين ۽ پوءِ پنهنجي مرشد شاهه راجو قتال جي چوڻ تي گجرات ڏانهن ويو ۽ اتي جي رهاڪن کي هدايت ڏنائين. پنهنجي والده بيبي حاجره (عرف بيبي سعادت خاتون) سان گڏ 1399ع ڌاري پٽڻ شهر (گجرات) ۾ پهتو، شيخ فريد شڪر گنج جي پوٽي شيخ رڪن ’ڪان شڪر‘ جي صلاح سان اتي رهي ظاهري خواه باطني رياضت ۾ مشغول ٿيو. پٽڻ شهر ۾ 1404ع ڌاري مولانا علي شير وٽان علم جي تحصيل ڪيائين. ان وقت جيڪي چشتيه، قادريه ۽ نقشبنديه مسلڪن جي مشائخ زنده هئا، تن مان هر هڪ کان فيض حاصل ڪيائين. اهڙي طرح جدا جدا نعمتن سان مالا مال ٿي، ٻين کي فيض رسايائين. سيد قطب عالم کي 12 پٽ ۽ 17 ڌيئرون هيون. هن درويش انسان بٽوه ۾ تاريخ 10 ڊسمبر 1453ع 67 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي ۽ اتي ئي مدفون آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو